اجتماعي بد فعلي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڏهرڪي/ لکي (نمائندن وٽان) معصوم نيننگرن سان اجتماعي بد فعلي جي ٻنهي شهرن ۾ پيش آيل ڌار ڌار واقعن خلاف وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيا ويا. پوليس ٻنهي واقعن جا ڪيس ته داخل ڪيا آهن پر مک جوابدار گرفتار ناهن ڪيا. جنهن خلاف ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. ***ڏھرڪي  مان اسد غفور ڀٽو موجب رھڙڪي ڀرسان رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ 4 ڏينهن اڳ بيٽرين جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نينگر نويد چنو کي جوابدار افضل ملڪ بيٽري گهر پهچائڻ بهاني گھرائي چانهن ۾ نشو ملائي پنهنجي ساٿين سان گڏ بدفعلي جو نشانو بڻايو جنهن بعد واھ ڪناري کيس اڇلائي ويا.

Photo Sindhyar

جنهن جو ڪيس جوابدار افضل ملڪ ۽ ٻين نامعلوم جوابدارن  جي خلاف داخل ڪيو ويو پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي متاثر نينگر نويد چنو جي وارثن پيءُ غلام سرور چنو، شبير چنو ،غلام نبي چنو ۽ چنا اتحاد ڏهرڪي جي صدر بشير احمد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانوتي ٿاڻي جي گيٽ آڏو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن اسان جي نينگر سان زيادتي ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي ۽ پوليس ڪا به اسان جي مدد ڪانه پئي ڪري.*** لکي غلام شاھ مان نثارمنگي موجب شڪارپور شهر ۾ اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻجڻ بعد گهٽا ڏئي انتهائي بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نينگر عطاءُالله ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀٽا برادري پاران منظور ڀٽو, ڪامران ڀٽو, هادي بخش ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول جي گيٽ اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, جنهن دوران مڇريل ماڻهن “معصوم نينگر عطاءُالله ڀٽو جي قاتلن تي لعنت, قاتلن کي بنادير گرفتار ڪريو” جي نعريبازي پڻ ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هفتو اڳ عمران عرف راجو سميت 4 جوابدارن 13 ورهين جي نينگر عطاءُالله ڀٽو کي کنڀي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري لاش سنڌ واھ ۾ لوڙهي ڇڏيو, جڏهن ته شڪارپور پوليس هفتو گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو, جنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي, هنن چيو ته جوابدار بااثر ماڻهو آهن, جيڪي مقتول نينگر جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا, هنن ايس ايس پي شڪارپور, ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي بنادير گرفتار ڪرائڻ سميت مقتول نينگر جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو