وزيرستان ۾ شهيد ٿيل آفيسرن جي فوجي اعزاز سان تدفين

اسلام آباد(اياز مهر) اتر وزيرستان جي خارقمر واري علائقي ۾ دهشتگردن پاران فوجي گاڏي کي نشانو بنائڻ سبب ٽن آفيسرن سميت شهيد ٿيل چار اهلڪارن جي فوجي اعزاز سان ڇنڇر تي سندن اباڻن علائقن م تدفين ڪئي وئي. ياد رهي ته جمع تي دهشتگردن سڙڪ تي بارودي مواد نصب ڪيو هو جنهن سان ٽڪرائجڻ سبب واقعو پيش آيوهو. شهيد ٿيلن ۾ هنزه جو ليفٽيننٽ ڪرنل راشد ڪريم بيگ، ڪراچي جو ميجر معز مقصود، لڪي مروت جوڪيپٽن عارف الله ۽ چڪوال جو حوالدار ظهير شامل آهن. ترجمان ٻڌايو هو ته هي ساڳيو علائقو آهي جتي سيڪورٽي فورسز سرچ آپريشن شروع ڪيو هو ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو هو. ياد رهي ته هن علائقي ۾ هڪ مهيني اندر 10 سيڪورٽي اهلڪار شهيد 35 زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو