آڪسفورڊ جي اعزازي ڊگري پاڪستاني ميوزڪ لاءِ اعزاز آهي: راحت فتح علي خان

معروف گلوڪار ۽ قوال راحت علي خان کي آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اعزازي ڊگري ڏيڻ تي خوشي جواظهار ڪندي چيوآهي ته اها پاڪستان جي موسيقي جي ڪاميابي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته راحت علي خان سميت اٺ عالمي گلوڪارن کي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويندو، ڊگري ڏيڻ جي تقريب هلندڙ سال جون ۾ منعقد ڪئي ويندي. راحت علي خان ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت هو 1200 شاگردن کي موسيقي بابت سکيا ڏئي رهيو آهي. واضع رهي ته راحت پنهنجي فني شروعات ست سالن جي عمر ۾ ڪئي۽هن مهل تائين هو 50 کان وڌيڪ البم رليز ڪري چڪو آهي. هو50 کان وڌيڪ ڊرامن جا ٽائيٽل گانا به ڳائي چڪو آهي، ان سان گڏوگڏ هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ ۾ 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجا گانا رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. واضح رهي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي ماضي ۾ به راحت فتح علي خان کي اعزازي شيلڊ سان نوازي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو