آپريشن سائيڪلون: جڏھن آمريڪا طالبان کي تيار ڪيو

ليکڪ گوئلر موڊي اولمو

آمريڪا ۾ ھي ماڻھون ”آزاديءَ جي جنگ جا سپاھي“ سڏيا ويندا ھيا، پر انھن کي سخت گير مسلم گوريلا جنگجو چوڻ بھتر ٿيندو. افغانستان ۾ مقامي گوريلا جنگجوئن آمريڪا جي مدد سان سوويت يونين جي خلاف سالن تائين بغاوت جو عَلَمُ بلند ڪندا رھيا. آمريڪا انھن کي اسلحو ۽ پيسا ڏيندو رھيو ته جئين ان جي دشمن سوويت يونين جي ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. جيڪڏھن اسان خفيہ دستاويز، صحافين جي تحقيقات، ان وقت جي اھم ماڻھن جي ڳالھ ٻولھ کي ڏسون تہ پوءِ اھا ڳالھ سامھون اچي ٿي تہ آمريڪا سوويت يونين کي ان دلدل ۾ ڦاسائڻ پيو چاھي جتي ان کي جاني ۽ مالي طور ايترو ئي نقصان رسي، جيترو آمريڪا کي گهڻا سال پھريان ويٽنام ۾ پھتو ھو. ھي آمريڪا جو ”آپريشن سائيڪلون“ ھيو ۽ ان کي ميڊيا ان وقت آمريڪي انٽيليجنس سي آئي اي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انٽيليجنس آپريشن قرار ڏنو ھو. سوويت فوجين جي نڪرڻ کان فقط اٺ سال پوءِ طالبان سن 1996 ۾ ڪابل تي فتح حاصل ڪري ورتي ۽ افغانستان تي اسلامي بنياد پرست حڪومت مسلط ڪئي، جنھن کي سڄي دنيا  انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي تنقيد جو نشانو بڻايو ھو. اھڙي صورتحال ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ان فتح ۾ آمريڪا جو ڪھڙو ڪردار رھيو؟

ھي سڀ شروع ڪئين ٿيو؟

سن 1979 بھار جي موسم جي ڳالھ آھي. ان وقت جي سوويت يونين جا 30 ھزار کان وڌيڪ فوج جنگي جھازن ۽ ٽئنڪن سان افغانستان جو رخ ڪيو. ھو ڪابل جي انقلابي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ افغانستان اچي رھيا ھئا. ھڪ سال پھريان ان وقت جو سڏجندڙ ” شمسي انقلاب“  کان پوءِ افغانستان ۾ڪميونسٽ حڪومت قائم ٿي ھئي پر ان ڪميونسٽ حڪومت کي اسلامي ويڙھاڪن کان مخالفت پيش اچي رھي ھئي.

Photo courtesy BBC

اھي ماڻھون پنھنجو پاڻ کي مجاھدَ سڏرائيندا ھئا ۽ انھن جو خيال ھو تہ ھي اسلامي روايت مطابق جھاد آھي. سوويت يونين افغانستان ۾ ڪميونسٽ حڪومت برقرار رکڻ گهري پيو پر صدر ببرڪ ڪارمل جي حڪومت خلاف مجاھدن جي بغاوت وڌنڌي پئي وڃي. اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ افغان تاريخ جي ماھر رابرٽ ڪروز جو چوڻ آھي تہ آمريڪا انھن جي بھادري کي ڏسي حيران رھجي ويو، جيتوڻيڪ ھو سن 1950 واري ڏھاڪي کان افغانستان ۾ انفراسٽرڪچر ڊويلپمنٽ جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ سوويت يونين سان مقابلو ڪري رھيو ھو. انھن حالات ۾ ان وقت جي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر کي ان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار زيبگنيو بريزسڪي ۽ ٻين صلاحڪارن ڳجهي مھم شروع ڪرڻ جو مشورہ ڏنو، جنھن تحت اتي جاري بغاوت کي اسحلي سان مدد ڪرڻ جي  صلاح ڏني. ان سان گڏ ئي سرد جنگ جي جهيڙي  جو ھڪ ٻيو باب کھلي ويو. آمريڪا ۽ سوويت يونين دنيا تي پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رھيا ھئا پر ميدانِ جنگ ۾ ھڪ ٻئي جي سامھون نہ پئي آيا. ھو ٽئين دنيا جي ملڪن جي مدد سان جنگي حوالي سان ھڪٻئي جي مخالفن جي مدد ڪندا رھيا. انگريزي زبان ۾ ان کي ”پراڪسي وار“ سڏيو وڃي ٿو. بي بي سي ۾ جھادي جنگجوئن جي حوالي سان ماھر شيشاني جو چوڻ آھي تہ ” آمريڪا افغانستان ۾ جھادين جي مدد ڪئي تہ جئين ھو پنھنجي سوويت دشمن کي شڪست ڏئي سگهي“.

”آپريشن سائيڪلون“ کي ڪھڙي طريقي سان انجام ڏنو ويو؟

 شروع ۾ ”آپريشن سائيڪلون“ جي مدد سان باغين کي سوويت دور جا صرف پراڻا ھٿيار ڏنا ويا. جن ۾ اين_ 47 رائفلن جھڙا ھٿيار شامل ھيا جڏھن تہ مختلف عرب ملڪن جي ذريعي انھن جي مالي مدد پڻ ڪئي وئي. رابرٽ ڪروز جو چوڻ آھي اھو ان لاءِ ڪيو ويو تہ جئين آمريڪا ان جنگ ۾ پنھنجي ملوث ھجڻ کان انڪار ڪري سگهي. سعودي عرب ان حوالي سان متحرڪ ملڪن ۾ شامل رھيو، تنھن ھوندي بہ انور سادات ۽ ٻين اڳواڻن بہ مجاھدن جي مدد ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.ان آپريشن ۾ پاڪستان جي ڳجهين ايجنسين کي بہ شامل ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ۽ پوءِ گهڻو ڪري جھادي ٽولا اُتان ئي آپريٽ ڪندا رھيا.

Photo courtesy BBC

آمريڪي ڪانگريس جي ھڪ رڪن ھب آرريز سن 1988 ۾ انڪشاف ڪيو تہ انھن ٽينيسي کان ڪينٽڪي جي فوجي اڏي تي 700 خچر مھيا ڪيا، جن کي پاڪستان روانو ڪرڻو ھو. وائٽ ھائوس ۾ صدر رونالڊ ريگن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغانستان ۾ آمريڪا جي موجودگي ظاھر ۽ عام ٿي وئي. آمريڪا ۾ ھڪ لابي جيڪا تيزيءَ سان طاقتور ٿيندي پئي وڃي اھا مجاھدن جي امداد وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رھي ھئي. ان لابي جي اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ سوويت يونين کي روڪڻ لاءِ فقط اسحلو ئي ڪافي ناھي. سن 1984 ۾ آمريڪي ڪانگريس افغانستان جي حوالي سان ھڪ قرارداد جي منظوري ڏني. قرارداد ۾ چيو ويو ”افغانستان جي جنگي آزاديءَ جي سپاھين کي صرف وڙھڻ ۽ مرڻ خاطر مدد ڏيڻ سان آزاديءَ جو مقصد حاصل نٿو ڪري سگهجي“. رونالڊ ريگن ان معاملي ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو ان پنھنجي آفس ۾ مجاھدن جي اڳواڻن جي ميزباني بہ ڪئي. سن 1986 ۾ پنھنجي اسٽيٽ آف دي يونين تقرير ۾ افغان جنگجوئن کي پيغام ڏيندي چيو: جنگي آزاديءَ جا سپاھيو، توھان اڪيلا ناھيو، آمريڪا اوھان سان گڏ آھي. صدر ريگن ڪجھ اھڙو ڪيو جيڪو ان جي بيان کان اھم ھو. ان افغان جنگجوئن کي اسٽنگر ميزائل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

Photo courtesy BBC

ھي ھڪ اھڙو فيصلو ھو جيڪو ايندڙ وقت ۾ اھم ثابت ٿيڻ وارو ھو. ان جي مدد سان افغانستان جي جبلن تي لڪيل مجاھدن سوويت يونين جا ھيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ شروع ڪيا ۽ زمين تي سراسري تيزيءَ سان تبديل نظر اچڻ شروع ٿي وئي. ڊيموڪريٽڪ سينيٽر چارلس ولسن افغانستان ۾ آمريڪن سرگرمين جو وڏو حامي رھيو. ان اعلان ڪيو تہ ڪانگريس جا نمائندہ اسٽنگر ميزائل جي ڪاميابيءَ تي حيران آھن. افغانستان ۾ فوج موڪلڻ واري فيصلي جي 9 سالن کان پوءِ سيپٽيمبر 1988 ۾ سوويت اڳواڻ ميخائل گورباچوف پنھنجي فوج کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. سوويت يونين پاڻ کي افغان حڪومت ۽ مختلف ڌڙن جي وچ ۾ ھلندڙ گهرو ويڙھ جي دلدل ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو ڇو جو ان جي مدد کان سواءِ افعان حڪومت گهڻي وقت تائين قائم رھندي نظر نہ پئي اچي.

ڇا طالبان کي آمريڪي مدد مان فائدو پھتو؟

مراد شيشاني چوي ٿو، ھڪ سازشي نظريواھو  آھي تہ آمريڪا ھن صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ طالبان جي مھم جي حمايت ڪئي پر ھي سچ ناھي. سچ تہ ھي آھي جو سن 1994 تائين افغانستان جي اُترين شھر قنڌار ۾ تمام گهٽ ماڻھن طالبان جو نالو ٻڌو ھو.

Photo courtesy BBC

ھي اھڙا ماڻھون ھيا جن مدرسن مان تربيت حاصل ڪئي. ھي پختون نسل جا نوجوان ھيا جيڪي پنھنجي پاڻ کي طالب علم جنگجو سڏرائيندا ھيا ۽ آھستي آھستي انھن جي مقبوليت قنڌار ۾ وڌنڌي رھي. مراد شيشاني ٻڌائي ٿو طالبان جي عروج تائين سوويت يونين جو زوال ٿي ويو پر ھي سچ آھي تہ طالبان جي قيام ۾ شامل ڪجھ اڳواڻ انھن جنگجو اڳواڻن ۾ شامل ھيا جن کي سوويت روس سان جنگ جي وقت آمريڪا کان مدد ملي. سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو مقصد رھيو ۽ ان وقت جھادي سڏرائڻ خراب نہ سمجهيو ويندو ھو. ان چوڻي سان بدنامي جو رشتو القائدہ ۽ شدت پسند تنطيم دولتِ اسلاميہ جي خونريزي کان پوءِ شروع ٿيو. مراد شيشاني زور ڀريندي چوي ٿو ته آمريڪا افغانستان کي ھٿيار ڏنا ھوندا پر حقيقت اھا آھي تہ ٻين ملڪن بہ ائين ڪيو ھوندو. ھوڏانھن رابرٽ ڪروز جو چوڻ آھي جڏھن طالبان قنڌار پھتا تہ انھن پنھنجو پاڻ کي پاڪ صاف ۽ ھڪ نئين طاقت جي طور تي پاڻ کي پيش ڪيو. رابرٽ جو خيال آھي تہ طالبان جا حقيقي اڳواڻ آمريڪي امداد حاصل ڪرڻ وارن ۾ شامل نہ ھيا ۽ اھو تہ طالبان جي ڪاميابي اسلام جي روايتي تعليم جي مطابق نظام واري وعدي جي خلاف آھي. رابرٽ ڪروز جو چوڻ آھي سوويت يونين جي خلاف فتح ۽ آمريڪا جي امداد انھن جي جھاد کي فخر واري شئيِ بڻائي ڇڏيو ۽ طالبان کي ان ماحول مان فائدو پڻ رسيو. 

آمريڪا کي ڇا حاصل ٿيو؟

افغانستان مان سوويت يونين جي نڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي اختتام وارو اسڪرپٽ تيار ٿي چڪو ھو. سن 1990 جي ڏھاڪي ۾ آمريڪا کي احساس ٿيو تہ ان کي عالمي سطح تي ان کي چلينج ڪرڻ وار ڪو بہ ناھي رھيو پر ھي تصور ان وقت تائين رھيو جيسيتائين چين جو چيلنج پيدا نہ ٿيو. رابرٽ ڪروز چوي ٿو افعانستان ۾ گهرو ويڙھ دوران آمريڪا جن مجاھدن ٽولن جي امداد ڪئي ھئي انھن جي طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ان خاموش رھڻ مناسب سمجهو. جن ماڻھن آپريشن سائيڪلون جي حمايت ڪئي انهن کي ڪڏھن افسوس نہ ٿيو. صدر جمي ڪارٽر جي قومي سلامتي جي صلاحڪار زبگنيو بريزيسڪي ھڪ فرانسيسي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ھو تہ عالمي  تاريخ ۾ ڪھڙي شيءِ گهڻي اھميت رکي ٿي.؟ طالبان يا سوويت يونين جو زوال؟(هي مضمون بي بي سي ارد تي شايع ٿيو جيڪو سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو