آمريڪي وزير دفاع جي پاڪستاني آرمي چيف سان رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان امريڪي دفاعي وزير لائيڊ آسٽن جو فون تي رابطو، پينٽاگون جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته پاڪستاني آرمي چيف سان رابطي دوران امريڪي دفاعي وزير لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي، خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام سوڌو گڏيل مفادن جي مامرن تي به ڳالهيون ٿيون، پاڪ- امريڪا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر ۾ رٿيل ٽرائڪا ميٽنگ بابت به صلاح مشوروا ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو