آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائيل حملو ڪيترائي زخمي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن مٿان راڪيٽ حملي ۾ فوجي زخمي ٿي پيا آهن. جن مان 5 آمريڪي ۽ اتحادي فوج ۽ 2 عراقي فوجي آهن. زخمين جي قوميت بابت ناهي ٻڌايو ويو. ڇنڇر تي 11 وڳي ٿيل حملي ۾ 25 راڪٽ فائر ڪيا ويا جيڪي 107 ايم ايم جا آهن. آمريڪي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪجهه راڪٽ رهائشي علائقي ۽ ڪجهه بيس م ڪريا آهن. عراق جي اتر ۾ واقع تاجي نالي ڪيمپ تي هي حملو ٿيو آهي. عراق جي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڪيترائي فوجي زخمي آهن جن مان ڪفي فوجين جي حالت نازڪ آهي. هن ان باري م وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا.  گذريل اربع تي به هن ڪيمپ تي حملو ٿيو هو جنهن م برطانوي فوجي مارجي ويو هو ۽ شڪ آهي ته حملي ۾ ايران جي حمايت يافته حزب الله مليشيا ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو