آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ، 8ڄڻا مارجي ويا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سانتا ڪلارا ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. سانتا ڪلارا جي يارڊ ۾ ريلوي ملازم ساٿي ڪارڪنن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. سانتا ڪلارا پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته حملو ڪندڙ به خودڪشي ڪري ڇڏي.پوليس موجب سانتا ڪلارا واري علائقي ۾ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي. شهر جي ايئرپورٽ وٽ ئي ريلوي مرڪز واقع آهي ۽ پوليس موجب مارجي ويل 9 ڄڻا هڪ ئي جڳهه تي ڪم ڪري رهيا هئا. جڏهن ته حملو ڪندڙ هتي ٺيڪي تي ڪم ڪري رهيو هو جيڪو وقتي ملازم هو.حملو ڪندڙ جي عمر 57 سال ٻڌائي وئي آهي ۽ سندس سڃاڻپ سيموني ڪيسيڊي جي نالي سان ٿي آهي. پر حملو ڪندڙ جي اهڙي ڪارروائي جا سبب خبر نه پئجي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو