آمريڪا ۽ چين ۾ تجارتي جنگ ختم، ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪبو

اوساڪا( م ڊ) آمريڪا ۽ چين تجارتي جنگ روڪڻ ۽ معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جي 20 جي سائيڊ لائن تي جاپان جي شهر اوساڪا ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۾ ٿيل ملاقات ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات کانپوِءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته اسانجا معاملا واپس ٽريڪ تي اچي ويا آهن، چيني صدر سان زبردست ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ذريعي معاملا طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته آمريڪا چين سان ٿيندڙ واپار تي في الحال نئون ٽيرف لاڳو نه ڪندو. ياد رهي ته آمريڪا جي چين سان ٿيندڙ واپار ۾ کيس تجارتي خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پاسي آمريڪا چين تي امپورٽ ديوٽي ۽ ڪسٽم ڊيوتيز سميت ٽيرف وڌائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چين جي وڏي ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي تي پابندي هنئي هئي. جنهن تي آمريڪا جي ٽيڪ ڪمپني ايپل آمريڪي صدر کي خط لکي چيو هو ته هواوي تان پابنديون هٽايو. ايپل ڌمڪي به ڏني هئي ته هو ڊيسڪ ٽاپ ٺاهڻ وارو يونٽ امريڪا مان چين منتقل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو