آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين جو پيادل مارچ ڪراچي پهچي ويو

ملير ( شهزادو مستوئي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين طرفان  اداري ۽ ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ صدر عبدالرحيم ڀارو، چيئرمين ڏاڏو عبدالڪريم شيدي، جنرل سيمڪريتري اقبال احمد لاڙڪ ۽ ٻين جي  اڳواڻي م 6 جنوري ڀٽ شاھ تي شروع ڪيل پيادل لانگ مارچ  13 ڏينهن پنڌ ڪري چاري گهگهر رستي ملير ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو. ان موقعي تي سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ گهگهر جي رهواسين قافلي جي آجيان ڪندي مٿن گلن جي ورکا ڪئي قافلو ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ بعد 21 جنوري تي وزير اعليٰ هائوس آڏو وڌي ڌرڻو هنيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اداري م ملازم جي اولاد کي سن ڪوتا تي نوڪريون ڏنيون وڃن، ،ملازمن کي پروموشن سميت صحت جون سهولتون ڏينيون وڃن. مڪينيڪل ڊويزن غير فعال آهي جنهن کي فعال ڪري ڪروڙين روپين جي مشينري کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي اڳواڻن 16 کان وڌيڪ مطالبن جو چارٽر آف ڊيمانڊ تيار ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو