آصف علي زرداري ڪراچي پهچي ويو، بلاول جو اهم اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد مان چارٽرڊ جهاز ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ سندس خاص جهاز ۾ پنهنجي نياڻي آصفه سان گڏ ڪراچي پهتو. اولڊ ٽرمينل تي سندس استقبال لاءِ وڏي انگ ۾ ڪارڪن ۽ صوبائي وزير، بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور به مجود هئا. کيس جيئي ڀٽو ۽ ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري جي نعرن سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. هن کي بلاول هائوس پهچايو ويو، بلاول هائوس لڳ قائم ضياءُ الدين اسپتال ۾  به سندس لاءِ اسپيشل سوٽ تيار آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس نگراني ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت جي خاص جهاز ۾ آمد تي ميڊياتنقيد ڪري رهي آهي جنهن تي وڏي وزير جي ترجمان رشيد چنا چيو آهي ته هو سنڌ جي حڪمران جماعت جو سربراهه آهي، ضمانت تي آزاد آهي ۽ وڏي وزير جي جهاز ۾ آيو ته غلط ڇا آهي؟ ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته 27 ڊسمبر تي بي بي شهيد جي ورسي ڳڙهي خدا بخش بدران سندس شهادت جي جاءِ لياقت باغ راولپنڊي ۾ ملهائبي ۽ انهن کي پيغام ڏينداسين ته جتي شهيد ڀٽو کي ڦاسي ملي، جتي محترمه کي شهيد ڪيو ويو ان جاءِ تي ڀٽو جي ٽئين پيڙهي اچي پئي. هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت سليڪٽرن کي خوش ڪري رهي آهي ۽ عوام کي تنگ ڪري رهي آهي ۽ اسين ان ۾ يقين ٿا رکون ته ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ جلد عوامي حڪومت ايندي. هن چيو ته 27 ڊسمبر کان نئين جنگ ۽ جدوجهد جي شروعات ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو