آصف زرداري ۽ چوڌري ڀائرن جو نواز شريف سان رابطو

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي اڳوڻي وزيراعظم کي  ان جي والده جي وفات تي تعزيت لاءِ فون ڪيو آهي.چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الهٰي نواز شريف سان سندس ماءُ بيگم شميم اختر جي وفات تي دلي تعزيت ڪئي جڏهن ته نواز شريف چوڌري شجاعت جي صحت بابت پڇيو.شهباز شريف ۽ حمزا کي 5 ڏينهن جي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ان سان گڏوگڏ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پڻ نواز شريف کي ٽيليفون ڪيو ۽ ان جي والده جي وفات تي تعزيت پيش ڪئي.آصف علي زرداري چيو آهي ته ماءُ جو موت هن جي اولاد لاءِ وڏو سانحو آهي.ياد رهي ته بيگم شميم اختر جو لاش جمعرات پاڪستان روانو ٿيڻ جو امڪان آهي سندس جنازي نماز شريف ميڊيڪل سٽي ۾ ادا ڪئي ويندي جڏهن ته تدفين  جاتي عمره ميان شريف جي قبر جي ويجهو مقرر مقام تي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو