آزاد ڪشمير ۾ 45 سيٽن لاءِ 724 اميدوارن ۾ مقابلي لاءِ ميدان تيار

مظفر آباد (خصوصي رپورٽ) آزاد ڪشمير جي 53 سيٽن واري اسمبلي جي چونڊ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا آهن، مختلف حلقن ۾ اليڪشن جو عملو ۽ سامان پهچايو ويو آهي. آزاد ڪشمير جي اسمبلي جون هن ڀيري سيٽون وڌايون ويون آهن. اڳ ۾ 49 سيٽون هيون ۽ هاڻي 53 ڪيون ويون آهن. 45 جنرل سيٽون آهن جن مان 33 آزاد ڪشمير جي علائقن لاءِ آهن ۽ 12 سيٽون والاريل ڪشمير جي مهاجرن لاءِ آهن. مهاجرن جي 12 سيٽن مان 6 جمون ۽ 6 وادي جي مهاجرن لاءِ آهن. 45 جنرل سيٽن لاءِ پولنگ 25 مارچ تي ٿيندي. جنهن بعد ڪاميابي جي تناسب سان 5 عورتن، هڪ عالم، هڪ ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اوورسيز ڪشميرين لاءِ مختص آهي. ٽوٽل 32 لک ووٽر آهن. 45 سيٽن لاءِ 724 اميدوار ميدان ۾ آهن. جڏهن تي آزاد ڪشمير جي 33 جنرل سيٽن لاءِ 579 اميدوار ميدان ۾ آهن. مهاجرن جي 12 سيٽن لاءِ 145 اميدوارن ۾ مقابلو آهي.  ڪشمير ۾ چونڊ انتظامن لاءِ 40 هزار پوليس اهلڪار ۽ 7 هزار فوجي جوان تعينات ڪيا ويا آهن. هن وقت ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، وزيراعظم راجا فاروق حيدر آهي. موجود اسمبلي جي 49 سيٽن مان 33 مسلم ليگ (ن) ۽ 2 جماعت اسلامي وارا حڪومت ۾ آهن. پيپلز پارٽي جا 5، مسلم ڪانفرنس ۽ پي ٽي آءِ جا ٽي ٽي،  هڪ جمون ڪشمير پي پي ۽ هڪ آزاد اپوزيشن ۾ آهن. اپوزيشن ليڊر پيپلز پارٽي جو چوڌري لطيف اڪبر آهي. آزاد ڪشمي جي 33 حلقن مان 12 حلقن ۾ سخت مقابلو آهي. اسلام آباد جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ مال سينٽورس جو مالڪ تنوير الياس باغ مان مسلم ليگ (ن) جي مشتاق منهاس سان مقابلي ۾ آهي. مشتاق منهاس صحافي مان سياستدان بڻيو، هو نصرت جاويد سان آج ٽي وي تي بولتا پاڪستان پروگرام جو ڪو هوسٽ رهيو آهي. چون ٿا ته تنوير الياس عمران خان جي نئين اي ٽي ايم مشين آهي ۽ وزيراعظم جو اميدوار آهي. هن حلقي مان جماعت اسلامي جو عبدالرشيد ترابي تنوير الياس کان مبينه طور 7 ڪروڙ وٺي سندس حق ۾ دستبردار ٿي ويو آهي. جماعت اسلامي کيس مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ هٿ کڻڻ لاءِ چيو هو ۽ مريم نواز جلسي ۾ ان جو اعلان به ڪيو هو پر معاملو ابتو ٿي ويو. جنهن بعد جماعت اسلامي کيس پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو