آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي آرمي چيف سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم آزاد ڪشمير عبدالقوم نيازي کي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان وزيراعظم آزاد ڪشمر عبدالقيوم نيازي راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سردار عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج ڪشميرين ۽ ڪشمير ڪاز جي حمايت جاري رکندي. آرمي چيف ڪشمرين جي حقن جي حاصلات لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ تي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته بزرگ حريت اڳواڻ ڪشميرين جي لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو