آرٽسٽس کي ڪڃر ۽ ميراثي سڏڻ کان اڳ سوچجو، ثمينه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هن وقت دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ اڪثر شهري گهر ويٺا آهن، ڪافي ڪمپنين جا ملازم گهران ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ۾ سندن انٽرٽينمينٽ جو واحد ذريعو ٽي وي آهي. پاڪستان ۾ پراڻيون فلمون ۽ ڊراما هلي رهيا آهن. پاڪستان ۾ 26 نومبر تي پهريون ڪورونا وائرس جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد شوبز جي دنيا جا ماڻهو عوام کي گهرن ۾ رهڻ ۽ هڪومتي اپائن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي گهريلو سرگرمين بابت سوشل ميڊيا ذريعي تصويرون شيئر ڪري عوام جي دل وندرائي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ نامياري اداڪارا ثمينه پيرزادو ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مشڪل گهڙي ۾ آرٽسٽ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن ۽ سڀاڻي کين ڪڃر ۽ ميراثي سڏڻ وارا هڪ ڀيرو سوچين ضرور. سندس ٽوئٽ تي مليو جليو رد عمل اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو