آرمي چيف عيد جو ٻيو ڏينهن به سرحد تي گذاريو

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لوئر دير جي تييم ڳڙهه واري علائقي جو دورو ڪيو ۽ عيد جو ٻيو ڏينهن مغربي سرحد تي تائينات فوجين سان گڏ گذاريو.انٽرسروسز پبلڪ رليشنز آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود استقبال ڪيو.ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا کي پاڪ افغان بين الاقوامي بارڊر تي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ سرحدن جي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي.فوجين کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن کي انهن علائقن ۾ امن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تمام ضروري قدم کڻندا.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سپاهين جي آپريشنل تيارين ۽ بلند حوصلن کي ساراهيو ، ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ ڪورونا جي خلاف سول ادارن جي مدد لاءِ فوجي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف انهن شهيدن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو جن ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو