آبپاشي کاتي جي ڪرپشن، آبادگارن پاران پاڻ کاٽي شروع

جوهي (رپورٽ منصور گاڏھي )آبپاشي کاتي جي آفيسرن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب جوهي جي مختلف شاخن جي کاٽي نه ٿي سگهي چنجاڻي شاخ جي آبادگارن پاران پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڦوڙي ڪري شاخ جي کاٽي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي, کاٽي لاء رکيل ڪروڙين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا, چنجاڻي شاخ جي آبادگارن,امام علي رستماڻي,عبدالحميد گاڏهي, مهير گاڏھي, جمن جمالي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته هر سال کاٽي جي نالي سان ڪروڙين رپيا بجيٽ اچڻ باوجود آبپاشي عملدار شاخن کي کاٽي ڪرڻ بجاء ڪاغذي ڪارواين ۾ کاٽي ڄاڻائي ڪرپشن ۾ مصروف آھن, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته شاخن جي کاٽي لاء رکيل ڪروڙين رپيا بجيٽ جي انڪوائري ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو