آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽو )رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ(الشھباز ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن ايريگيشن، ڊرينج ڊويزن ورڪرز يونين ٺٽو طرفان پنھنجي جائز مطالبن ايريگيشن مورو ڊويزن جي مزدور دشمن انجنيئر طارق ڪيھر جي ميگا ڪرپشن توڙي مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافين، سن ڪوٽا، گروپ انشورنس، صحت ڪارڊ، فوتي ڪوٽا مرحلو آسان بنائي، ريٽائرڊ ملازمن جون مراعتون وقت سر ڏيئي، نان پروموشنل ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيئي، ايل ـ بي ـ او ـ ڊي ملازمن جون آئيڊيز کولرائي ايل ـ بي ـ او ـ ڊي ملازمن کي رھيل پگھارون ڏيئي، فوتي ڪوٽا کي آسان بنائي يوٽيلٽي الائونس ايريگيشن ملازمن کي ڏيارڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مڪلي کان غلام الله روڊ تائين جلوس ڪڍيو ويو، يونين اڳواڻن صدر قربان علي جوڻيجو، مير علي سولنگي، عبدالعزيز ٻٻر، عطاءُ الله کهڙو، غلام رسول ميمڻ، ممتاز خاصخيلي، بابو گندرو، نواز علي جماري جي اڳواڻي ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ۾ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو سميت ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته مورو ڊويزن جي مزدور دشمن انجنيئر طارق ڪيھر ننڍن ملازمن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ھالا ڊويزن حيدرآباد مان الشھباز فيڊريشن جي قائد سميت پندرنھن ملازمن تي ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرايا آھن، جيڪي حيدرآباد جي عدالت ۾ ھلندڙ آھن. ھنن چيو ته لاڳاپيل آفيسرپنجونجاھ ملازمن جون پگھارون بند ڪري ملازمن جا پروموشن ختم ڪري ڇڏيا آھن. هنن چيو ته ان کانسواء ڊرينج کاتي سميت آر ـ بي ـ او ڊي جي ملازمن کي اڃان تائين نه رھيل پگھارون ملي سگھيون آھن ۽ نه ئي ايل ـ بي ـ او ڊي ملازمن جون آئيڊيز کلي سگھيون آھن. ھنن چيو ته ملازمن کي سن ڪوٽا، گروپ انشورنس، صحت ڪارڊ، ڊسيز ڪوٽا کي آسان ڪري يوٽيلٽي الائونس ايريگيشن ملازمن کي ڏيئي فوتي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو