آبادگارن جي ڄاڻ لاءِ سيمينار ٿيڻ گهرجن، خاصخيلي

نوابشاھه (سنڌيار)ڪيميائي ڀاڻ جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ايف ايف سي پاران سوشل ويلفيئر کاتي جي تعاون سان ھڪ آگاهي سيمينار نوابشاھ ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر شھيد بينظير آباد عبدالرحمان خاصخيلي، ايف ايف سي جي ريجنل ھيڊ قدير احمد، شھزاد انور بٽ، عمير اسلام ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عبدالرحمان خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ آبادگارن لاءِ جديد ۽ مفيد معلومات تي مبني اھڙن سيمينارن جو انعقاد ٿيندو رھڻ کپي تہ جيئن آبادگار زراعت ۾ جدت ۽ سائنسي علوم کان واقفيت حاصل ڪندا رھن. انھيءَ موقعي تي ايف ايف سي نوابشاھ جي ريجنل ھيڊ قدير احمد فصلن ۾ ڪيميائي ڀاڻ جي استعمال جي اھميت بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو تہ دنيا جي 50 سيڪڙو فصلن جي پيداوار ڪيميائي ڀاڻن جي استعمال سان ئي ممڪن ٿئي پئي، جڏهن تہ وڌندڙ آبادي کي آڏو رکندي ڪيميائي ڀاڻن جي متوازن استعمال سان في ايڪڙ جي تناسب سان پيداوار ۾ اضافو آڻڻ وقت جي اھم ضرورت بڻجي چڪو آھي. ايف ايف سي جي زرعي آفيسر عمير اسلام آبادگارن کي ڪڻڪ جي جديد پيداواري ٽيڪنالاجي ۽ فصلن ۾ زرعي ڀاڻن جي متوازن استعمال بابت تفصيلي آگاھي ڏني. سيمينار ۾ علائقي جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو