آبادگارن جو انوکو احتجاج، آبپاشي عملدارڻ کي پٽون ۽ پاراتا

جوهي (پورٽ منصور گاڏھي)مختلف شاخن ۾ پاڻي نه پهتو چنجاڻي مائنر جي آبادگارن پاران پاڻي نه پهچڻ تي شاخ اندر قرآن خواني ڪرائي انوکو احتجاج ڪيو ويو. رئيس عبدالحميد گاڏھي, وڏيرو اشرف گاڏھي, گلڻ خان گاڏھي, انور گاڏھي, احمد زمان گاڏھي, غلام قادر کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاخ اندر قرآن خواني ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا ويا. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب جوهي جي آبادگارن کي ڪَتي فصل لاء پاڻي نه ملي سگهيو مٿان وري چيٽ به متاثر ٿي رهيو آھي هنن چيو ته منڍ جا بااثر زميندار سرعام لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا آھن آبپاشي عملدار انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء رشوت عيوض خاموش بڻيل آھن هنن چيو ته جوهي جي چنجاڻي شاخ سميت ٻين شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي اڄ اسان شاخ اندر قرآن خواني ڪرائي بارگاھ الاهي کي دانهن ڏئي رهيا آھيون,اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, وزيراعظم پاڪستان, وزيراعلي سنڌ سميت اعلي اختيارن ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته چنجاڻي مائنر سميت جوهي برانچ جي شاخن ۾ پاڻي پهچائي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آچر کان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو