آئي فون 11 جي پيداوار ڀارت ۾ شروع ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مشهور ڪمپني ايپل پاران آئي فون 11 ڀارت ۾ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. ٽيڪنالوجي بابت ويب نيوز ٽيڪ ڪرنچ خبر ڏني آهي ته ڀارتي شهر چنئي لڳ آئي فو پلانٽ لڳايو آهي. فون ٺاهڻ واري ڪمپني فاڪسڪون هي پلانٽ لڳايو آهي. آئي فون ڀارت جو وڏو مارڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سان ڪمپني کي 20 سيڪڙو درآمدي ڊيوٽي به بچندي ۽ مقامي طور تيار ٿيندڙ فون سيٽ جي قيمت به مناسب هوندي. ياد رهي ته زياده  تر آئي فون جا ماڊل چين ۾ تيار ٿيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو