آءِ سي سي رينڪگ، ٽي ٽوئنٽي ۾ بابر اعظم سرفهرست

دبئي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ٽاپ ٽي 20 بيٽسمين جو تاج بدستور بابر اعطم جي سر تي موجود آهي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جي پهرين پوزيشن کي به في الحال ڪو به خطرو ناهي. ٽاپ ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ عماد وسيم چوٿين ۽ شاداب خان اٺين نمبر تي برقرار آهي. پاڪستان ٽيم جي پهرين پوزيشن کي به في الحال ڪو خطرو ناهي. 3 ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڀارت سريلنڪا کي 2-0 تان هارايو جنهن کان پوءِ اپ ڊيٽ ٿيندڙ ريڪنگ ۾ پاڪستاني ٽاپ ريڪينڊ پليئرز تي به ڪو اثر نه پيو. بابر اعظم بيٽنگ ۾ بدستور سرفهرست آهي فخرالزمان 17هين پوزيشن تي آهي اهڙي طرح عماد وسيم چوٿين ۽ شادب خان بالر جي اٺين نمبر تي برقرار آهي. فهيم اشرف هڪ درجي جي بهتري سان 25هين نمبر تي آهي. جڏهن ته ٽاپ بالر جو اعزاز افغاني راشد خان وٽ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو