آءِ جي معاملي تي گورنر سان مشاورت نه ڪنداسين؛ مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي گذري. ڪابينا اجلاس ۾وزيراعليٰ چيو ته وزيراعظم کي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي ڪابينا کي آءِ جي جي بدلي تي اعتراض آهي ته ان کي بريف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون هاڻي وزيراعظم مٿان آهي ته هو آءِ جي سنڌ کي ڪڏهن ٿو هٽائي. ان موقعي تي ڪابينا جي ميمبرن تبصرو ڪندي چيو ته ڪابينا جيڪي نالا تجويز ڪيا هئا پر وري ٻيهر 2 نالا گهريا ويا پنجاب جيڪڏهن خط لکي ٿو ته وفاق فوري طور آءِ جي مقرر ڪري ٿو سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي سنڌ ۽ پنجاب پوليس جو ايڪٽ به هڪ جهڙو آهي. ڪابينا جي تبصري تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم کي خط لکيو آهي ته آءِ جي کي هٽائي رهيا آهيون وفاقي ڪابينا چيو ته گورنر سان مشاورت ڪيو گورنر سان مشاورت ڪرڻ ممڪن ناهي. واضح رهي ته وزيراعليٰ سنڌ وزيراعظم عمران کي آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ ٽيون ڀيرو خط لکيو آهي. وزيراعظم جي ڪراچي دوري وقت وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات دوران هڪ نالي تي اتفاق ٿيو هو بعد ۾ وفاقي ڪابينا آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ معاملو وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر حوالي ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت ڪابينا جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي گورنر سنڌ سان مشاورت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو