آءِ بي اي پاران استادن جي ٽيسٽ ۾ غلطين جو اعتراف، ٻيهر نتيجا تيار

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي سکر پاران استادن جي ڀرتين دوران پيپرن جي ڪيز جي حوالي سان آيل غلطين جي نشاندهي تي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. مختلف سينٽرن تي ٿيل امتحانن ۾ ٽن ڏينهن دوارن سنڌي، اردو، اسلاميات، ڪمپيوٽر سائنس ۽ حسابن وارن مضمونن بابت 43 غلطين هجڻ جون شڪايتون  ڪيون ويون. آءِ بي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسان اڄ رزلٽ مڪمل ترتيب ڏئي ڇڏيو آھي، تعليم کاتي جي هدايتن جو انتظار آھي، جيئن هنن چيو رزلٽ اپ لوڊ ٿي ويندو،اسان انفرادي طور هرهڪ اميدوار کي پورٽل تي رزلٽ ڏئي چڪا آھيون. ڪيز ۾ غلطيون سامهون آيون ته انهن اميدوارن جي نتيجن تي نظر ثاني ڪئي ويندي جن جو انهن مارڪن سان نتيجا متاثر ٿيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو