آءِ ايم ايف پاران بجلي جا اگهه ۽ ٽيڪس وڌائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان بجلي جا اگهه، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيز وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته انڪم ٽيڪس ، سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي جي حوالي سان وڌيڪ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن سالياني آمدني جو هدف 58 کرب رپين مان وڌائي 63 کرب رپيا ڪري سگهجي. فند جو ھي مطالبو جاري ورچوئل ڳالهين ۾ سامهون آيو آهي جتي موجوده مالي سال دوران 600 ارب روپيا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ گڏ نه ٿي سگھيو آھي. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت کي ايف بي آر جي حوالي سان اضافي روينيو قدم کڻڻا پوندا. آءِ ايم ايف تجويز ڏني آھي ته بجليءَ جي بنيادي قيمت ۾ 1.40 روپيا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن وڌندڙ گردشي قرضن کي روڪي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو