ھڱورجا ڀرسان قومي شاھراھ تي روڊ حادثو 3 ڄڻا فوت

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)قومي شاھراھ تي ملھيراڻي سولنگي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشه سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ رڪشه ۾ سوار لکي غلام شاھ جو رھواسي نور محمد  ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن ۾ ھڪ عورت ۽ ھڪ مرد شامل آھن مقامي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پھچي زخمين کي ھڱورجا اسپتال کڻائي آيا جتي زخمي عورت ۽ مرد سوڀوديرو جو رهواسي اقبال سامٽيو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي  فوت ٿي ويا جڏهن ته  روڊ حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي پوليس ڪار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو