ھڪ ئي رات ۾ 3 موٽرسائيڪلون چوري، پوليس خاموش

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ ) مبارڪپور شهر  جي شاهن ڀچراهي پاڙي مان  نامعلوم  چور  هڪ ئي رات ۾ ٽن ڀائرن جون ٽي  موٽر سائيڪلون چورائي ويا  جنهن ۾  قبول مھتم جي سي ڊي 2018 ماڊل ، محمدحسن مھتم جي سي ڊي 2017 ماڊل ۽ علي دوست مھتم جي ڪرائون 2019 ماڊل  چورائي ويا. مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو ويو پر پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي صبح جو پهتي ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالوهاب پتافي ڀاڳين وٽ پهچي کين کوجي  ڪتن گهرائڻ جو مشورو ڏئي روانو ٿي ويو ، هوڏانهن ڀاڳين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مبارڪپور پوليس جو زور آ ته کوجي ڪتا گهرايو اسان پوليس کي چيو آ ته اسين کوجي ڪتا نه گهرائيندا سين ڇو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني وغيره ڪانهي. اسين ايس ايس پي کي اپيل ٿا ڪريون ته موٽر سائيڪلون واپس ڪرئي ڏيو. هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور ٻڌايو ته نفري گهٽ  هجڻ ڪري چوريون وڌي ويون آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو