ھائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميا خلاف رھواسين جو احتجاج ڌرڻو

ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي جي رھواسين پاران سنڌالاجي ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي رھواسين تعليمي ماھر ميڊم آپا قمر واحد، ارشاد بروھي، امداد چنا، اسحاق لاشاري ۽ ٻين چيو ته سوسائٽي جي موجوده باڊي غيرقانوني آھي ۽ سوسائٽي جا جيڪي به ماڻھو رھن ٿا اھي سوسائٽي جا ميمبر آھن، انھن کي ووٽ ۽ سوسائٽي بابت ھر مسئلي تي حق رکن ٿا پر موجوده باڊي جا اڳواڻ پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪري رھواسين سان زيادتيون ڪري رھيا آھن.سوسائٽي ۾ پاڻي سميت صفائي، سيڪيورٽي ۽ کوڙ سارا مسئلا موجود آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني طور جڙيل باڊي کي ختم ڪري نئين سر اليڪشن ڪرائي سوسائٽي ۾ رھندڙ سمورن ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏئي اليڪشن ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو