ڳڙهي ۾ عورت قتل،ڏهرڪي حادثي ۾ نينگر فوت، ڀريا مان لاش هٿ

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٽن مختلف شهرن ۾ پيش آيل واقعن ۽ حادثن سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڏهرڪي مان وجي ڪمار موجب باءِ پاس تي مسافر بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 13 سالا ننيگر نديم احمد ڪمبوھہ موقعي تي فوت ٿي ويو. فوتي نينگر ريتي جو رهواسي ھو.موٽر وي پوليس بس قبضي ۾ ورتي آهي. *** ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر موجب ڳوٺ عبدالرحمٰن شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين، فوجي شر۽ نظير شر ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان شادي شده عورت ساجده زال اسد شر کي مبينا طور گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.

قتل ٿيل عورت جي وارثن پاران مخالفن تي حملو ڪري قتل جو الزام لڳايو ويو. مليل ڄاڻ موجب ٻن ڀائرن فوجي ۽ آغا شر ۾ جهيڙي دوران گولي مسمات ساجده زال اسد شر کي لڳي جيڪا ٿڏي تي فوت ٿي وئي جنهن جو الزام نظير شر واري ڌر مٿان لڳايو ويو. اطلاع تي ڳڙهي ياسين پوليس ڳوٺ عبدالرحمٰن شر پهچي مارجي ويل عورت جو لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا جي ماءُ مسمات ليلان ٻڌايو ته نظير ۽ نادر شر واري ڌُر جي هٿياربندن فجر ويل اسان جي گهر مٿان حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجي ڌيءَ ساجده ٿڏي تي مارجي وئي هن وڌيڪ چيو ته نظير شر واري ڌر هڪ سال اڳ به اسان جي نوجوان ابراهيم شر کي قتل ڪيو هو. *** ڀرياروڊ مان دانيال سيخ موجب نصرت ڪينال جي ڪپر تي ڳوٺ دريا خان جلباڻي واسي 60 ساله  پيرسن شخص نظر محمد عرف جلال پٽ فضل محمد جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن ڀرياروڊ پوليس کي اطلاع ڏنو.

ڀرياروڊ پوليس لاش کڻائي ڀرياسٽي اسپتال روانو ڪيو جڏهن ته پيرسن شخص کي ڳلي ڪنڌ توڙي کاٻي آڳر ۾ ڌڪن جا نشان موجود هئا ۽ جاءِ واردات تي ڪافي رت موجود هيومقتول جي ڀاءُ غازي خان جلباڻي ۽ سوٽ عزيز الله جلباڻي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هو هڪ درويش هو. ڪافي درگاهن تي زيارتن لاء ويندو هيو. ايس ايڇ او ڀرياروڊ حيب الرحمان لاشاري ٻڌايو ته لاش جي اطلاع بعد پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ رپورٽ اچڻ بعد قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو