ڳوٺ مان لڏائڻ جي دانهن، عدالت ايس ايس پي کان جواب طلبي

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڀٽا برادري جي ماڻهن زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ گهرن تي چڙهائي ڪئي، ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اهڙي دانهن سيد غلام مرتضيٰ شاهه ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ڏني آهي. ايڊووڪيٽ وحيد علي شيخ جي معرفت  داخل ڪرايل درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ سانول خان ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن زميني تڪرار تان بلاجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري سيد محبوب شاهه ۽ سيد برڪت علي شاهه کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو جيڪي هن وقت ڪراچي ۽ نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل آهن. اڄ رات ٻيهر ڀٽا برادري جي ماڻهن مير محمد، ضمير ڀٽو، نور محمد، جميل ۽ بلاول ڀٽي گهرن تي چڙهايون ڪري گهرن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته توهان سيدن جا هن ڳوٺ ۾ چار گهر آهن ان لاءِ زمين مان هٿ ڪڍي هتان لڏو کڻي هليا وڃو ٻي صورت ۾ توهان جو حشر خراب ڪيو ويندو. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي ڪمپلين سيل ۽ ڊي ايس پي نوشهروفيروز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو