ڳوٺ تي چڙهائي دوران پوليس کي ڪٽڪو،4 زخمي،3 گرفتار

کپرو(خادم سروري) کاهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي سميجو ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڄاڻايل جوابدار جي گرفتاري لا عمرڪوٽ جي سي آءِ اي پوليس مقامي ٿاڻي جي کاهي پوليس سان گڏ ڪاروائي ڪئي ته مزاحمت تي 5عورتون، ايس ايڇ او ۽ سي آئي اي انچارج سميت 4 اهلڪار زخمي، 6 عورتن سميت 18 ڄڻن تي ايف آء آر داخل ڪري پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آءِ اي انچارج الطاف شاهه ٻڌايو ته مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار خدابخش کي اوطاق تان گرفتار ڪيو سين جنهن تان مزاحمت ٿي ۽ اسان کي ڌڪ هنيا ويا. هوڏانهن ڳوٺاڻي رشيد سميجو جو چوڻ آهي ته پوليس ڌاڙيلن جيان ڳوٺ تي ڪاهه ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو.

هن چيو ته زخمي عورتن، ملوڪان، سونا، صالحان، بلائي ۽ مانا کي زخمي ڪيو. زخمي عورتن کي علاج لاءِ اسپتال کڻائي ايندڙ سونو، جادم سميجو ۽ بلال ڪپري کي پوليس کنڀي وئي آهي. هن ٻڌايو ته وري ٻيهر 10 پوليس موبائلن سان ڇاپو هڻي پوليس وارا اسان جون 13 ٻڪريون، 2 گابيون ۽ ٽن نياڻن جي ڏاج جا زيور کڻي وئي آهي ۽ ٻه شاگرد تاج محمد ۽ حنيف سميجو کي کنڀي گم ڪيو آهي. زخمي عورت مسمات بلائي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب ڊاڪٽرن کيس حيدر آباد ريفر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو