ڳوٺاڻن ڦورن جا پيرا کڻي کين گرفتار ڪرائي ورتو

وڳڻ (غلام مصطفيٰ بروهي) ڳوٺ خير محمد ماڇي ۾ پنج نامعلوم ھٿيار بندن  نويد احمد سولنگي جي گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي گھر ڌڻين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2015 ڪاھي  فرارٿي ويا. جڏھن ته ساڳئي ڳوٺ۾ ڪجھ مفاصلي تي واقع عمران علي سولنگي جي ھوٽل تي موجود ھوٽل مالڪ ۽ ڳوٺاڻن تي پڻ ھٿيارن جا فائر ڪري کانئن موبائل فون ۽ روڪ رقم تقريبن 15000 ۽ ھڪ موٽر سائيڪل چائنه جا ڪاغذ ڦري فرار  ٿي ويا .اھڙو اطلاع پوليس اسٽيشن وارھ کي ڏنو ويو جنھن چوري جي واردات لاء مالڪن طرفان چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي پيرا ڳوٺ ورند ماڇي جي رھواسي محمد جمن ماڇي جي گھر ۾ لڳا. جنھن سبب پوليس اسٽيشن وارھ جي ايس ايڇ او ڪاروائي ڪندي محمد جمن ماڇي کي جاچ ۾ گرفتار ڪري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو