ڳوٺاڻا لاش گندي پاڻي مان گذاري قبرستان کڻي اچڻ تي مجبور

ڪنب (صفدر چانڊيو) ڳوٺ غلام حيدر بگٽي بنيادي سهولتن کان محروم لاش کي برسات جي گندي پاڻي مان گذاري قبرستان پهچايو ويو علائقي واسي سخت مشڪلات جو شڪار ڪنهن به چونڊيل نمائيندي نوٽيس نه ورتو. ان حوالي سان ڳوٺاڻن محمد بخش، نبي بخش، مختيار حسين، اڱڻ خان ۽ غلام قادر بگٽي ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا هتان جي چونڊيل  نمائيندن تڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي، ضلعي چيئرمين ۽ ٻين وس وارن اڳيان دانهيو آھي پر گذريل 9 سالن ۾ ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ گيس، بجلي، اسڪول ۽ روڊ رستن جي ڪا به سهولتن موجود ناهي سياسي بنياد تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جڏھن ته رستن تي برسات پوڻ سبب گهڻي گپ ٿي وڃي ٿي اسان  لاش به نٿا کڻي سگهون. هنن هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيل نمائيندن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي پڪي روڊ جي  بنيادي سهولت ڏئي بي چيني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو