ڳجهه ڳوهه ۾ هلندڙ فيڪٽرين تي ڇاپو، مزدور دربدر

ملير (ڊ ر)يونس ٽيڪسٽائيل مل ون سميت مختلف فيڪٽرين تي رينجرس ۽ پوليس جي وڏن اٽالن ان وقت اوچتو ڇاپو هنيو جڏهن ڄاڻايل فيڪٽرين اندر وڏي تعداد ۾ ملازم ڪم ۾ رڌل هئا ان موقعي تي رينجرس اهلڪارن سمورن ملازمن کي مل مان ٻاهر ڪڍي فيڪٽري انتظاميا کي سخت تنبيھه ڪئي ۽ 4 کان وڌيڪ آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو چوڻ هو ته هن وقت ڪورونا جي صورتحال انتهائي خراب آهي حڪومت لاڪ ڊائون ڪري شهرين کي گهرن تائين محدود ڪيو آهي ۽ توهان هيڏي  وڏي تعداد ۾ ملازمن کي گهرائي ڪورونا کي دعوت ڏيئي رهيا آهيو جيڪڏهن ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ويئي ته سموري انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ٻي طرف فيڪٽري انتظاميا فوري طور قومي شاهراھ ڪوهي ڳوٺ لڳ ٻئي يونس  ٽيڪسٽائيل فيڪٽري نمبر ٻه سميت ٻيون ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ڪرائي ملازمن کي گهر روانو ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ ملازمن جو چوڻ هو ته هو مجبور آهن جيڪڏهن انتطاميا جو چوڻ نٿا ڪريون  ته نوڪرين مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي جي اچون ٿا ته پوليس ۽ رينجرس ڇاپا هڻي فيڪتري مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏي هنن انڪشاف ڪيو ته لانڍي،ڪورنگي، پورٽ قاسم ۽ گهگهر جي صنعتي علائقن ۾ اڻ ڳڻيون فيڪٽرين آهن جيڪي پوليس جي سهڪار سان ملازمن کي واڙي ٻاهران گيٽ بند ڪري تالو لڳائي ڇڏيو آهي ۽ اندر ملازم يرغمال بڻجي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو