ڳئون چر جي سرڪاري زمين تي قبضن خلاف مالوند جو احتجاج

ڇور(ن س) ٿر ۾ برسات پوڻ بعد چوپايو مال جي چراگاهه لاءِ ڇڏيل ڳئون چر واري  سرڪاري زمين ۽ وڻن جي واڍي ڪري قبضا ڪرڻ خلاف ٿر واسين  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.  برھان دين نھڙي، سلطان پراڳومل، رميش ڪمار، رام سنگھ ۽ ٻين چيو تي تازو ٿر ۾ برسات پوڻ بعد نيوڇور ويجھو اسماعيل جي ڌاڻي، ڏبلو پاڏن جو پر، سڻوھي، ڪنڌل گابار ولي ۽ ڀرپاسي ۾ چوپايو مال لاء ڇڏيل ڳئون چر واري خالي پيل سرڪاري زمين تي علائقي جي ڪجھ بااثر پاران قبضا ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ زمين ۾ موجود وڻن ۽ ٻوٽن جي واڍي ڪري وڪرو ڪري رھيا آھن. ان کانسواء چوپايو مال جا لنگهه ۽ رستا پڻ بند ڪري ڇڏيا آھن. جنھن ڪري اسين مالوند ماڻھو سخت پريشان آھيون انتظاميا کي اپيل ڪريون ٿا تي فورن قبضا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري ۽ مال لاء ڳئون چر قرار ڏنل زمين خالي ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو