گڏيل عرب امارات پاران ايف 35 بدران رافيل خريدڻ جو فيصلو

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات آمريڪا کان جديد ايف 35 جهازن جي خريداري تي ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اماراتي اهلڪار هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايف 35 جهازن تي ڳالهيون مستقبل ۾ ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون.اماراتي اهلڪار موجب ڳالهين ۾ ٽيڪنيڪل گهرجن، آپريشنل پابندين، قيمت ۽ جهاز جي خريداري سان لاڳاپيل ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف 35 جهازن جي خريداري 23 ارب ڊالرن جي ڊيل جو حصو هئي، متحده عرب امارات طرفان فرانس سان 80 رافيل جهازن جي ڊيل کانپوءِ هي بيان جاري ڪيو ويو آهي. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيل جي وزيراعظم گڏيل عرب امارات جو دورو ڪيو. ياد رهي ته اڳ ۾ آسٽريليا فرانس کان ايٽمي آبدوز خريدڻ جي ڊيل آمريڪا جي چوڻ تي رد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو