گڏهه گاڏو هلائيندي معصوم ٻار گم، امڙ جي ڳولڻ لاءِ اپيل

شهدادڪوٽ( ڊ  ر ) پراسرار  نموني گم ٿي ويل معصوم نينگر  جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي کيس ڳولڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.  گذريل ڏينهن صبح جو گڏهه گاڏو ڪاهي روزگار سانگي گهر کان نڪتل مزدوري تي ويل 13 ورهين جي صابر کهاوڙ جي وارث عورتن  نينگر جي امڙ نصيبا کهاوڙ ۽ ڀاشل کهاوڙ هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن صابر   گڏهه گاڏو ڪاهي روزگار ڪرڻ لاء شهر ويو هو جيڪو هن وقت تائين واپس ناهي آيو

Photo Sindhyar

هنن پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي چيو ته جنهن وٽ به اسان جو ڇوڪرو آهي مهرباني ڪري اسان جو ٻار واپس ڪن هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته پر اسرار نموني گم ٿي ويل نينگر صابر کهاوڙ جي ڳولا ۾  مدد ڪري اسان جو ٻار واپس ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو