گڊو ۾ گهر کي باهه لکين روپين جو نقصان، فائربرگيڊ دير پهتي

ڪنڌڪوٽ( ڊ ر) گڊو جي پٺاڻ پاڙي ۾ شاھ عالم پٺاڻ جي گهر کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب گهر ۾ پيل لکين روپيا روڪ، گاڏين جا ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏھن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي دير پھتي، جنهن بعد پاڙيسرين پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي باھ وسائي وڌيڪ ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. رابطو ڪرڻ تي شاھ عالم پٺاڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهر ۾ لڳ ڀڳ 25 لک روڪ، گاڏين جا ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو دير پهتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو