گڊو بئراج مان نوجوان جو لاش هٿ، والد سڃاڻي ورتو

ڪشمور(جي ايم کوسو )گڊو بئراج جي گيٽ نمبر 48 تي لاوارث لاش سنڌو دريا ۾ لڙھندي گيٽ ۾ ڦاسي پوڻ ڪري بئراج وارن گڊو پوليس کي اطلاع ڪيو .پوليس مقامي ٽوٻن جي ذريعي لاش کي ٻاھر ڪڍي پوسٽ مارٽم لاء ڪشمور تعلقه اسپتال آندو ، پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد پوليس وارن لاش کي لاوارث ڄاڻائي گڊو ويجھو ظاھرپير جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو . گڊو پوليس جي ايس ايڇ او صادق اوڍو سنڌ يار سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پراڻو لاش آهي جنهن جي منڍي نه هئي گوشت جي لوٿڙي وانگي ھو. هوڏانهن لاش جي ڪپڙن تي سندس والد سڃاڻپ ڪئي آهي. هن چيو ته رحيم يار خان ضلعي جي سردار ڳڙهه ۾ سندس 20 سالن جو پٽ سڪندر علي پير ترڪڻ سبب درياءَ ۾ 29 مئي تي ٻڏي ويو هو. اسين گڊو وارن کي اطلاع ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو