گٽرن ۽ زهريلي پاڻي تي ٿيندڙ سبزين جي پوک بند ڪرايو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ملير، لانڍي، سرجاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ گٽر جي پاڻي مان سبزيون تيار ڪرڻ خلاف محمود اختر نقوي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست گذار پاران چيف سيڪريٽري، بلديات کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ملير، لانڍي، سرجاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ سبزيون زهريلي پاڻي مان پوکيون پيون وڃن صنعتي ۽ گندي پاڻي مان سبزيون پوکڻ سبب شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ۽ لاڳاپيل ادارن اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. درخواستگذار عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته صنعتي ۽ زهريلي پاڻي مان سبزين جي پوک کي روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو