گُجر ۽ اورنگي نالن تي آپريشن جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گُجر ۽ اورنگي نالي سوڌو سمورن نالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، ليز ٿيل ۽ بنا ليز گهر ڊاهڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي، سپريم ڪورٽ آپريشن متاثرن جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته غيرقانوني ليز جي بُنياد تي آپريشن نه ٿو روڪي سگهجي، جِن گهرن تي نشان لڳايا ويا آهن، اُهي به ڊاٺا وڃن، نالن جي ٻنهي پاسن کان 30 فٽ روڊ ۽ فٽ پاٿ ٺاهيا ويندا، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هڪ ئي منصوبو آهي، بد کان بدتر ٺاهيو، توهان فيصلو ڪريو ته ڪرڻو ڇا آهي؟ ايئن حڪومت ناهي هلندي، بلڪه سنڌ ۾ حڪومت آهي ئي ڪو نه، حددخلين تي خاموش نھ ويھڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو