گيلاني کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي پي پي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ موجوده سينٽ جي اپوزيشن اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني کي حڪومت اٽلي ۾ ٿيندڙ ماحوليات بابت ڪانفرنس م شرڪت کان روڪي ڇڏيو. عين وقت تي کيس ٻڌايو ويو ته هن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي. سيد نيئر حسين بخاري ۽ سينيٽر شيري رحمان ان جي مذمت ڪندي جاري ڪيل ڌار ڌار بيانن ۾ چيو ته هتي ٻٽو معيار آهي. هڪ پاسي سزا يافتا ماڻهن کي ايس سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني ٿي وڃي ٻئي پاسي انڊر ٽرائل ماڻهو کي روڪيو ٿو وڃي. هنن عمران خان حڪومت جي پي پي دشمني تي چيو ته اسين احڙن ڪڌن عملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون هنن جي هائبرڊ جمهوريت جا ٻٽآ معيار آهن جن کي وائکو ڪندا رهنداسين. ياد رهي ته ا کان اڳ 2019 ۾ ڪوريا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾  شرڪت کان روڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو