گيس ڪمپنين خلاف احتجاجي تحريڪ جو فيصلو

صالح پٽ (نياز مهر ) صالح پٽ جي ريگستاني علائقي جي ڳوٺ الهوسايو ڀنڀرو ۾ سماجي تنظيم ريگستان ڊولپمينٽ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن صالح پٽ جي صدر عالم خان مڱريو ،جنرل سيڪريٽري رحيم بخش مهر، استاد رجب علي مهر، لطيف ڏنو ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي  جنهن ۾ ريگستاني علائقي مان گئس ڪڍندڙ ENI. UEP. OGDCL ڪمپني جي ناانصافي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ استادن کي ڪمپني جي طرفان وقت تي پگهارون نه ڏيڻ ۽ 2016 جو رهيل پگهارون سان گڏوگڏ بونس ۽ انڪريمينٽ نه ڏيڻ ۽ چوڪيدارن کي مستقل نه ڪرڻ سان گڏوگڏ علائقي واسين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ جي خلاف عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو پهرين مرحلي ۾ صالح پٽ جي ريگستاني علائقي مان پيادل لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو جيڪو پريس ڪلب سکر جي اڳيان گئس ڪمپني جي ناجائزنن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. هن گڏجاڻي ۾ سردار ڳڙهه گهوٽڪي جي استاد عبدالسلام گڏاڻي،رحيم بخش ڀنڀرو، محمد عمر ڀنڀرو، صدورو مھر۽ اعجاز علي لنڊ ۽ سکر، گھوٽڪي جي استادن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو