گوهر گروپ جون ايم بي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پيپلزپارٽي جي نئين چونڊيل ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف حراسان ڪرڻ جون 3 الڳ الڳ درخواستون داخل، عدالت يونين ڪائونسل جي چيئرمين جي درخواست تي محمد بخش خان مهر، گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي سي گهوٽڪي ۽ ڌر بڻايلن کي 27 آگسٽ ۽ وڌيڪ ٻن درخواستن ۾ ڌر بڻايلن کي 23 آگسٽ تي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ گهوٽڪي جي يونين ڪائونسل اٽل مراداڻي  جي چيئرمين علي مراد مهر ، وڪيل سندر چاچڙ معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيوآھي ته نئين چونڊيل ايم اين اي سردار محمد بخش مهر، سردار علي گوهر مهر کي ووٽ  ڏيڻ تي پنهنجي ويجهي دوست بلال احمد جي فون تان ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آھي، وڪيل موجب درخواست گذار اهڙي دانهن ايس ايس پي گهوٽڪي کي ڏني جنهن چيو جيڪو سردار محمد بخش چاهيندو اُهو ٿيندو، تنهن ڪري درخواستگذار کي ڪوڙن ڪيسن ۾ نه ڦاسايو وڃي ۽ جيڪڏهن کيس نقصان پهتو ته ذميوار لاڳاپيل ڌريون هونديون. ڄاڻايل درخواست کي عدالت ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي پ پ ايم اين سردار محمد بخش مهر، گهرو سيڪريٽري. آءِ جي، اي آءِ جي، ڊي آءِ جي ڊي سي گهوٽڪي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي، بلال ۽ لاڳاپيل ڌرين کي 27 اگسٽ تي طلب ڪري ورتو آھي. جڏهن ته سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ميرپور ماٿيلو جي رهواسين غلام حسين چاچڙ ۽ امداد علي مهر به وڪيل سندر چاچڙ معرفت پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر  خلاف حراسان ڪرڻ جون درخواستون داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. جنهن تي به عدالت سردار محمد بخش خان مهر سميت ڌر بڻايلن ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي 23 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو