گورک هل حادثو لاڙڪاڻي واسي 5 فوت 3 زخمي

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي حادثو, لاڙڪاڻي واسي 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ 3 ڄڻا زخمي آهن. تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ لاڙڪاڻي واسين جي ويگو گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ پنج ماڻھن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع  آهن. ذريعن موجب رستي جي خرابي سبب تيز رفتار گاڏي تي ڊرائيور ڪنٽرول نه ڪري سگهيو گاڏي جبل تي چڙھندي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب جبل سان ٽڪرائيندي گاڏي پرزا پرزا ٿي وئي سمورا ماڻھون گاڏي ۾ ڦاسجي هيٺيان اچي ويا فوتين ۾ مختيار ڪار لاڙڪاڻو سليم الله رند,تپيدار اسلم سيال, ڪوٽار طارق چانڊيو , ۽ واحد بخش کتراڻي شامل  ٻُڌايا ويا لاشن کي واهي پانڌي اسپتال پهچايو ويو. زخمين ۾ 3ڄڻا شامل آهن جيڪي گاڏي ۾ پويان ويٺا هئا ۽ ٽپو ڏئي جان بچائي. 

پهنجو تبصرو موڪليو