گورک هل جي فنڊز ۾ ڪرپشن، روڊ اکڙي ويو

جوهي (ن سنڌيار) تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي ترقياتي ڪمن لاءِ گذريل ڏھ سالن کان ڪروڙين رپين جي جاري ٿيل فنڊز ڪرپشن جي ور چڙهي ويا،  گورک هل اسٽيشن ۾ ترقياتي ڪمن جو نالو نشان ئي نه آهي ,ڪيل ڪرپشن جا راز فاش ٿيڻ لڳا, ڪميشن عيوض ڪم ڪندڙ  ٺيڪيدار ۽ گورک هل اٿارٽي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن لڪي نه سگهي ڪجھ مهينا اڳ تعمير ٿيل گورک روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباھ ,ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل سان گڏ وڏو حصو پٿرن مٿان ڊامبر ھڻي روڊ جو رنگ ڪارو ڪري ڪروڙين رپين جا ڪوڙا ڪاغذي بل ٺاهي ڪم پورو ڪيو.

Photo Sindhyar

برسات سبب روڊ مختلف هنڌان اکڙي تباھ ٿي ويو, جوهي ۽ ڪاڇي جي ساڃاھ وندن نيب, اينٽي ڪرپشن,ايف آء اي سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته گورک هل اٿارٽي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار خلاف ٽيم جوڙي انڪوائري ڪري سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو