گورک تي سياحن جي گاڏي ڪلٽي 1 عورت فوت 4 زخمي

دادو(ادل مهيسر) سنڌ جي سياحتي ماڳ گورک هل اسٽيشن تان واپس ايندي سياحن جي گاڏي کاول لڪ جي ڀٿ سان ٽڪرائجي کاهي ۾ ڪري پئي نتيجي ۾ شهداد ڪوٽ واسي شيخ برادري جي هڪ عورت مرڪ زال غلام حيدر موقعي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس مڙس غلام حيدر شيخ، مسمات سيما، مسمات،سڪينه ۽ 6 سالا معصوم نورين ڌي احسان شيخ سخت ڦٽجي پيا جن کي واهي پانڌي جي مقامي اسپتال آندو ويو. جٿي زخمين کي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب سول اسپتال دادو آندو ويو، جٿي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد دادو سول اسپتال جيڪا ريفر سينٽر بڻيل آهي.

ڪجهه زخمين ۽ فوتي عورت جو لاش  تعلقه اسپتال سيوهڻ ريفر ڪري ڇڏيو. ٻڌايو ويو آهي ته بريڪ فيل ٿيڻ سبب گاڏي توازن وڃائي ڪلٽي ٿي پئي. ياد رهي ته سياحتي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ترقياتي ڪم گذريل 6 سالن کان نه ٿيڻ سبب ڪروڙين روپين جي بجيٽ ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪئي پئي وڃي ان ڪري روڊ رستا تباهه حالي جو شڪار آهن سياحن سان حادثا معمول بڻيل آهن، سنڌ حڪومت ۽ ضلع دادو انتظاميه گورک هل اسٽيشن جي تباهي جو ڪارڻ بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو