گوجرا موٽر وي ريپ ڪيس ۾ اهم انڪشاف، فريادي عادي مجرم

گوجرا(ويب ڊيسڪ) ايم 4 موٽر وي تي ڪار ۾ ڇوڪريءَ سان مبينا زيادتي واري واقعي ۾ حيران ڪندڙ موڙ سامهون آيو آهي. ڊي ايس پي گوجرا وقار احمد پريس ڪانفرنس دوران ڪيس جي اڳڀرائي ۽ ڊراپ سين بابت ٻڌايو ته جاچ دوران ڪيترا ئي اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. وقار احمد انڪشاف ڪيو ته مقتول ڇوڪري ۽ مدعي ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پئسا وصول ڪندا هئا، متاثره ڇوڪري ۽ مدعي ٻئي انٽر ڊسٽرڪٽ گينگ جا ميمبر آهن. ڊي ايس پي موجب مبينا طور متاثر عورت ۽ مدعي  زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ جو ابدارن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، هي گروهه هن کان اڳ ٻن ڪيسن ۾ ماڻهن کان وڏي رقم وصول ڪري چڪو آهي. ڇوڪري جي ماسي ٻڌايو ته سندس ڀاڻيجي کي فون تي ميسيج ڪري انٽرويو لاءِ گوجرا گهرايو ويو هو. ڇوڪري جي ماسي ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ته جنهن گاڏي ۾ ڀاڻيجي کي کنيو ويو ان ۾ هڪ عورت ۽ 2 مرد موجود هئا، جوابدارن منهنجي ڀاڻيجي سان موٽر وي تي اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ کيس فيصل آباد انٽرچينج تي اڇلائي ڇڏيو هو. ياد رهي ته هي فيصل آباد موٽر وي ريپ ڪيس آهي جيڪو لاهور رنگ روڊ ريپ کان مختلف آهي. لاهور ريپ ڪيس ۾ پيٽرول ختم ٿيڻ تي گا0ي ۾ ٻارن سان انتظار ڪندي عورت کي ريپ ڪيو ويو هو ۽ جوابدارن ڏوهه به تسليم ڪيو هو،

پهنجو تبصرو موڪليو