گوبل هر وارن نوان روڊ اجاڙي ڇڏيا، شهرين جو احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار)قومي شاھراھ تي روزانو ڪيترائي گوبل ٽريڪٽر ھلڻ ۽ نتيجي ۾ روڊ اکڙڻ خلاف ٻنون ۽ ڀرپاسي جي علائقي واسين يونس گگو، طفيل مگسي، ڄام خان مگسي، غلام نبي گگو، گلزار ملاح، نظير گگو، ممتاز گگو، حسن شيخ ۽ ٻين قومي شاھراھ تي اچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. جنھن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٻنون، حيدرآباد ۽ دڙو ڪراچي روڊ بند ٿي ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ علائقي واسين ڳالھائيندي چيو ته وڏي جدوجھد ڪرڻ کان پوء سرڪار ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٻنون دڙو روڊ تعمير ڪرايو آھي. پر قانون جي حڪمراني نه ھئڻ سبب ٽريڪٽر گوبلن روڊ کي کيڙي ڪري تباھ ڪري ڇڏيو آھي. اھم قومي شاھراھ تعمير ٿيڻ جي سال اندر گوبل کيڙي سبب ھنڌان ھنڌان اکڙي رھيو آھي. ھنن چيو ته روڊ تي گوبل ھلائيندڙ مالڪن ۽ ڊرائيورن کي روڪيو ٿا ته اھي وڙھڻ لاء تيار آھي. جڏھن ته ٻنون پوليس فقط ڀتا خوري ڪرڻ ۾ مصروف آھي. روڊ تي گوبل ھلائيندڙ مالڪن ۽ شوباز ڊرائيور خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي سجاول ۽ اختيارين کان گھر ڪئي ته ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺھيل ٻنون روڊ کي کيڙي تباھ ڪندڙ گوبل ڊرائيورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو