گوادر کي حق ڏيو،احتجاج جا 18 ڏينهن، ڪوسٽل هاءِ وي بلاڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر گوادر ۾ مڇي جي شڪار تي ٽرالر مافيا جي قبضي، پيئڻ جي صاف پاڻي نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو سراپا احتجاج آهن، مظاهرين مهراڻ ڪوسٽل هاءِ وي کي چئن مختلف هنڌن کان بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان جي اڳواڻي ۾ جاري ڌرڻو 18هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي.‘گوادر کي حق ڏيو’ ريلي جي اڳواڻن گوادر ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو، جنهن بعد شهر جون بازارون ۽ دڪان بند رهيا.ٻئي طرف ٽريڊ يونينز جي مطالبي تي بلوچستان ۽ مري ۽ پسني ۾ به شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. ضلعي جي ماهيگيرن اڄ به سمنڊ جو رخ نه ڪيو  احتجاج ۾ حصو ورتو. هوڏانهن بلوچستان حڪومت ڌرڻي کي منتشر ڪرڻ لاءِ مختلف ضلعن مان 5 هزار پوليس اهلڪار گوادر موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته حڪومت ۽ مظاهرين ۾ معاهدو ٿي ويو هو پر ان تي عمل نه ٿيڻ بعد احتجاج ۾ وري تيزي اچي وئي هئي. رٿا بندي واري وزير ظهور بليدي جو چوڻ آهي ته ٿوري مهلت ڏيو جلد سٺي خبر ملندي. مولانا هدايت الله جو چوڻ آهي ته 70 سالن کان رڳو مهلت گهرندا پيا اچن، جيسين معاهدي تي من و عن عمل نه ٿيندو تيسين ڌرڻو جاري رهندو. هن چيو ته پاڪ ايران سرحد تي ايف سي کان ڪنٽرول ضلعي انتظاميا کي منتقل ڪريو، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ بک ٿا مرن. غير ملڪي ٽرالر مافيا کي گوادر مان ڪڍيو وڃي. ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس وارن شراب جا دوڪان بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيڪو غلط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو