گوادر سميت مختلف شهرن ۾ برسات، مواصلاتي نطام درهم برهم

گوادر(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات کان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. موسميات کاتي موجب گوادر ۾ هن وقت تائين 57.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته طوفاني برساتن سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي. موسميات کاتي موجب گوادر ضلعي سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ برساتن جو پڻ امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات پسني ۾ 70 ملي ميٽر، گوادر ۾ 57 ملي ميٽر، اورماڙا ۾ 27 ملي ميٽر، ڪيچ ۽ جيواڻي ۾ 24 ملي ميٽر، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 8 ۽ قلات ۾ 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته خضدار، دالبندين ۽ پنجگور ۾ 3 ملي ميٽر برسات  رڪارڊ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو